اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته صنعتي ترقي ح??ومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت روزگار جي فراهمي لاءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعت کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهي اهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اها ڳالهه هن صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي مث??ت پاليسين جي ڪري ڪورونا ج?? باوجود وڏي پئماني جي صنعت ۾ ترقي خوش آئنده اهي، صنعتن جي پنهنجي پوري صلاحيت تي هل?? سان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. ملاقات ۾ ملڪي صنعتي ترقي جي لاءِ حڪومت جي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ ڪراچي ۾ 1500 ايڪڙ تي ٻڌل صنعتي زون جي تعمير تي اڳڀرائي ۽ ايس ايم اي پاليس?? با??ت پڻ بريفنگ ڏني وئي.