اسلام آباد/نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه مح??ود قريشي چيو ته افعانستان ۾ انساني ۽ معاشي بحران، عالمي برادر?? جي فوري ڌيان جا گهرجائو آهن، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبل?? جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير ريڊ ڪراس بابت عالمي ڪميٽ?? جي صدر پيٽر مورڪي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي افغانستان ۾ انساني بحران ۽ عالمي سطح تي مدد جي فراهم?? جي حوالي سان مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، هن چيو ته پاڪستان سالن کان افغانستان ۾ جاري ريڊ ڪراس عالمي ڪميٽ?? جي خدمتن جو اعتراف ڪري ٿو، افغانستان ۾ وڌندڙ انساني ۽ معاشي بحران عالمي برادر?? جي فوري ڌيان جو گهرجائو آهي، شاهه مح??ود قريشي چيو ته افغانستان جي مالي ۽ انساني امداد نه رڳو انهن کي بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد فراهم ڪندي پر افغانين ۾ اعتماد سازي لاءِ بهترين قدم ٿي سگهي ٿو، افغانستان ۾ وڌندڙ بک، غربت ۽ ناڻي واڌ جي پيش نظر افغانستان جا منجمند اثاثا کولڻ انهن جي وقت ??ر امداد جي برابر ٿيندا، هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ انساني بنيادن تي امدادي سامان جي پهچ هوائي ۽ زميني رستن جي ذريعي جاري رکي آهي، پرڏيهي وزير ريڊڪراس عالمي ڪميٽ?? جي صدر کي افغانستان ۾ انساني بنيادن تي مدد جي فراهمي لاءِ پاڪستان پاران هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.