اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ٽيڪس جي ن??ام ۾ بهتري ۽ آساني يقيني بڻائي ??هي آهي، ٽيڪس جي رڪارڊ ڪليڪشن عوام جي حڪومت تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن معاشي ماهر آرٿر بيٽز لافر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان م??قعي تي ن??ڻي وارو صلاحڪار شوڪت فياض ترين پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب ملاقات ۾ پاڪستاني ٽيڪس جي ن??ام جي مختلف ر??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ پوري دنيا ۾ لاڳو ٽيڪس نظام جي مثبت ۽ منفي اثرن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ٽيڪس بيس وڌائڻ، نظام جي بهتري ۽ جدت، عوام تي ٽيڪس جو بار گهٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ نظام ۾ آساني آڻڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.