اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته ملڪ جي اهم ادارن جي نظام ۽ انگن اکرن جي تحفظ لاءِ سائبر سيڪيورٽي ۾ قومي صلاحيت ۾ اضاف?? انتهائي اهم آهي، محفوظ ڊجيٽل ايڪو سسٽم جي ويزن سان ملڪ ۾ سماجي ۽ معاشي ترقي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سائبر وائر فيئر اينڊ سيڪيورٽي بابت ٻي سالياني عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نيشنل سينٽرر فار سائبر سيڪيورٽي ايئر يونيورسٽي ان ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو آهي جنهن جو مقصد جديد خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ سائبر سيڪيورٽي کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ طريقن کي ڳولڻ آهي. هن ??يو ته سائبر حملن خاص طور تي ملڪي دفاع، توانائي ۽ مالياتي بنيادي ڍانچي تي سائبر حملن جا خطرا گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ملڪي سطح تي پروفيشنلز ۽ سلوشنز کي ڳولڻ اهم آهي. هن ??يو ته سائبر سيڪيورٽي ۾ مستحڪم صلاحيت کي حاصل ڪرڻ ٻنهي دفاعي ۽ جارحاڻي حڪمت عملين م اهميت رکندڙ آهي ڇو ته دنيا ۾ تيزي سان ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي. هن ??يو ته محفوظ ڊجيٽل ايڪو سستم جي ويزن سان ملڪ ۾ سماجي ۽ معاشي ترقي ٿيندي، غير ملڪي گروپن پاران حساس معلومات جي چوري ۽ سرڪاري ويب سائيٽ کي هيڪ ڪرڻ جي اطلاع کانپوءِ ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن جو ڌيان سائيبر اسپيس تي مرڪوز ٿيو آهي. هن ??يو ته مستقبل ۾ ڪمپيوٽر جنهن تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، ڪنهن به ملڪ جي لاءِ پنهنجي هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر کانسواءِ پنهنجي ملڪ جي ڊيٽا کي محفوظ بڻائڻ انتهائي مشڪل هوندو. هن ??يو ته سائبر حملن سان ملڪي انفراسٽرڪچر تي اثر پئجي سگهن ٿا ۽ معيشت تباهه ٿي سگهي ٿي، سائبر سيڪيورٽي بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي حوالي سان هن ??يو ته پاڪستان کي سائبر سيڪيورٽي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ گريجوئيٽس ۽ باصلاحيت انساني وسيلن جي سخت ضرورت آهي. هن پاڪ فضائيه جي ڪوششن کي ساراهيو جيڪا موثر سائبر طاقت جي طور تي اڀري سامهون آئي آهي. هن ??يو ته پي اي ايف ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي تعاون سان اڪيڊمي جي قيام سان محفوظ ۽ پائيدار قومي سائبر سيڪويرٽي اهم سنگ ميل حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن ??يو ته پاڪستان کي سياست، صنعت ۽ ثقافت سميت سمورن شعبن ۾ هر قسم جي سائبر حملن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي حدن کي محفوظ بڻائڻ جي ضرورت آهي، پي اي ايف ڊائريڪٽر جنرل سي 41 ايئر وائيس مارشل عباس گهمن سائبر دفاع يقيني بڻائڻ جي لاءِ تعليمي ماهرن سان گڏجي پاڪ فضائيه جي ترجيحن کان آگاهه ڪيو، هن ??يو ته مصنوعي ذهانت پاڻ ڀاڙڻ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ايرو اسپيس کي مضبوط بڻائڻ، هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر جي جائزي پاڪ فضائيه جي پهرين سائبر سيڪيورٽي پارڪ جي قيام ۽ مارچ ۾ ان جي مڪمل فعال هجڻ سميت ٻين قدمن کان آگاهه ڪيو، ڊائريڪٽر نيشنل سينٽر فار سائبر سيڪيورٽي اين سي سي ايس) ڊاڪٽر ڪاشف ڪفايت ??يو ته ايئر يونيورسٽي ۽ اين سي سي ايس عالمي مارڪيٽ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مقامي وسيلن جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. سائبر سيڪيورٽي اڪيڊمي ملڪ ۾ ڊجيٽل شعبي جي بهتري لاءِ ريسرچرز ۽ صنعت کي پليٽ فارم مهيا ڪندي، وائيس چانسلر ايئر يونيورسٽي ايئر مارشل (ر) جاويد احمد ??يو ته پاڪ فضائيه سائبر سيڪيورٽي بابت وقت سر اها حقيقت ڄاڻي ورتي آهي ته ان سان قومي سلامتي کي شديد خطرا لاحق آهن، هن ??يو ته نيشنل سائبر سيڪيورٽي اڪيڊمي سائبر آگاهي، تربيت ۽ مهارتن جي ترقي لاءِ اهم آهي. چيف سيڪيورٽي آفيسر هواوي پاڪستان ??يو ته سائبر سيڪيورٽي ڪاروبار جي لاءِ اهميت اختيار ڪري چڪي آهي ان جي ڪمپني جامع گلوبل سيڪيورٽي سسٽم سان 170 ملڪن ۾ ڪوآپريٽو ڊجيٽل سسٽم قائم ڪري رهي آهي، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر هائير ايجوڪيشن ڪميشن ڊاڪٽر شائسه سهيل ??يو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن بي ايس ۽ پي ايڇ ڊي سطح تي سائبر سيڪيورٽي جي تعليمي نصاب کي اپ گريڊ ڪري رهيو آهي ۽ نئين نسل ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ يونيورسٽين ۾ اهڙا لازمي مضمون قرار ڏيڻ تي غور ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل سائبر سيڪيورٽي اڪيڊمي جو افتتاح به ڪيو. ان کانپوءِ صدر پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو سان گڏجي صنعتي نمائش جو دورو ڪيو ۽ سيڪيورٽي اڪيڊمي جو افتتاح به ڪيو.