اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پ??ڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان انڊونيشيا سان اسٽريٽجڪ حصيداري جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پ??ڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل انڊونيشيا جي پنهنجي هم منصب ريتنو مرسودي سان ڳالهائيندي چئي جنهن پ??ڏي??ي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پ??ڏي??ي وزير چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ گهرا ڀائر??ڻا لاڳاپا آهن. پاڪستان انڊونيشيا سان اسٽريٽجڪ حصيداري جو خواهشمند آهي. پ??ڏي??ي وزير عورتن جي حقن جي لاءِ موثر آواز اٿارڻ تي انڊونيشيا جي پ??ڏي??ي وزير کي مبارڪباد ڏني. پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطن جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان انڊونيشيا سان وا??ار?? سياحت ۽ سيڙڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ سياحت ۽ واپار جي فروغ لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ ۾ سهولت جي فراهمي فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اسان ڪشمير مسئلي جي حوالي سان او آءِ سي جي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت تي او آءِ سي جا ٿورائتا آهيون. انڊونيشيا جي پ??ڏي??ي وزير محترمه ريتنو مرسودي شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پ??ڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.