اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ر??ما??يا واپار، سيڙپڪا??ي، دفاع، تعليم، ??ائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق بخارسٽ ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي ر??ما??يه جي پنهنجي هم منصب بوگدان اوريسڪو سان ملاقات ۾ طئي ٿيو. ر??ما??يه ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر ظفر اقبال به پرڏيهي وزير سان گڏ هو. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ر??ما??يه جي پرڏيهي وزير بوگدان اوريسڪو ر??ما??يه جي دوري جي دعوت قبول ڪرڻ ۽ ر??ما??يه اچڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو. ڳالهين دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ ر??ما??يه جي وچ ۾ ويجهي ۽ گڏيل تعاون ت?? ٻڌل لاڳاپن کي ساراهيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ر??ما??يه جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪا??ي، دفاع، تعليم، ??ائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين اتفاق ڪيو ته ٻطرفي سياسي مشاورت جو ايندڙ دور جلد اسلام آباد ۾ ٿيندو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل اقتصادي ڪميشن کي بحال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.