پنڊ دادن خان – 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين نوشڪي پنجگور ۾ دهشتگردي جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج ج?? شهيد جوان بابر حفيظ جي گهر ويو ۽ شهيد جي والد محمد حفيظ س??ن تعزيت جو ا??ها?? ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چيو ته بابر حفيظ شهيد دهشتگردن جو دليري سان مقابلو ڪيو، ملڪ ۽ قوم جي لاءِ سندس قربانين کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته قوم ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ بابر حفيظ شهيد جي گهرڀاتين سان گڏ بيٺل آهي. شهيدن جي خاندانن جا حوصلا آهن جو اه?? شهادتن تي فخر ڪن ٿا، اسان پنهنج?? شهيد جوانن جي رت جا مقروض آهيون، پورو پاڪستان انهن خاندانن جو احسان مند آهي. اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چيو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، پاڪستان جي رياست ۽ حڪومت شهيدن جي رت جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب وٺندي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيد بابر حفيظ جا درجا بلند فرمائي ۽ پونيئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.