ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته بلوچستان ۾ حڪومت پاران ضرورت جي شين جي رعايتي اگهن تي فراهمي رمضان کانپوءِ به جاري ??کي وڃي. اها هدايت هن ضرورت جي شين جي قيمتن ۽ يوٽيلٽي اسٽورز تي انهن جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي حوالي سان اجلاس ۾ ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، طارق بشير چيما، مخدوم مرتضيٰ محمود، بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس ب??نجو، چيف سيڪريٽري ??لوچستان، وفاقي ۽ صوبائي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. بلوچستان ۾ ضرورت جي شين جي حڪومت جي مقرر ڪيل اگهن کان وڌيڪ قيمت ۾ وڪرو ۽ فراهمي ۾ تعطل جي شڪايت تي وزيراعظم جي نوٽيس کانپوءِ هنگامي بنيادن تي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ صنعت واري وفاقي وزير کي ڪوئيٽا روانو ڪ??و ويو ته جيئن ڪنهن به قسم جي امڪاني پريشان ڪندڙ صورتحال کان وقت سر بچي سگهجي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي تفصيلي طور تي آگاهه ڪ??و ويو ته گذريل رات جي قدمن کانپوءِ مسئلن کي حل ڪ??و ويو آهي، نه رڳو اڄ کان اٽي جي فراهمي شروع ڪئي وئي اهي پر اهو يقيني بڻا??و ويو آهي ته پوري ??لوچستان ۾ اها فراهمي بنا رڪاوٽ جاري ??هي. وڌيڪ ٻڌا??و ويو ته گذريل رات صنعت واري وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود جي دوري ??وران يوٽيلٽي اسٽور تي کنڊ ۽ گيهه جو اسٽاڪ طلب جي لحاظ کان وڌيڪ ڏٺ?? ويو جڏهن ته اٽي جو مسئلو هل ٿيڻ کانپوءِ سموريون ضرورت جون شيون وزيراعظم جي اعلان ڪيل اگهن تي دستياب آهن. وزيراعظم انهن قدمن کي ساراهيندي هدايت ڪئي ته اهو يقيني بڻا??و وڃي ته اها ابسڊي بنا رڪاوٽ ماڻهن تائين پهچندي رهي. وزيراعظم بلوچستان ۾ ان پئڪيج جي ضرورت کي محسوس ڪندي هدايت ڪئي ته پئڪيج کي رمضان تائين محدود رکڻ بدران ان کي صوبي ۾ بعد ۾ جاري ??ک??و وڃي. ان حوالي سان وزيراعظم لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ان تي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪ??و وڃي.