لاهور – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ ۽ دليل سا?? ڳالهه ڪرڻ ۾ ئي اسان جي بقا آهي، جيڪو به استعيفا ڏيندو سا??هون ويهاري ان کان استعيفا لکرائي ويندي ۽ اهو به پڇيو ويندو ته توهان تي ڪو دٻاءُ تي نه آهي، پارليامينٽ جا فيصلا پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجن، جلد چونڊن جا معاملا اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت کي ڏسڻا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وچ پنجاب جي ??يپلزپارٽي سيڪريٽريٽ ۾ ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ ڪيو. ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري سيد حسن مرتضيٰ، انفارميشن سيڪريٽري شهزاد سعيد چيمه، چوڌري اسلم گل، ڊاڪٽر خيام حفيظ، افنان بٽ، انجم بٽ، ملڪ جمشيد شهباز ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا. ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پيپلزپارٽي جي ??فد سا?? داتا درٻار ۽ مزار اقبال به ويو ۽ اتي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ استحڪام جي دعا ڪئي. ميڊيا سا?? ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف چيو ته هڪ آئيني ذميداري پوري ڪرڻ لاهور آيو هئس، خوش اسلوبي سا?? پنجاب جي ??ڏي وزير جو حلف ٿي ويو، مون کي يقين آهي ته قوم آئين پاڪستان جي حفاظت ڪندي، اسان کي اخلاقيات جي اندر رهي هلڻ گهرجي ۽ سڀني کي گڏجي ??اڪستان کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻو آهي، هن چيو ته پارليامينٽ ۽ آئين جي تقدس کي بحال رکڻ سڀني جي ذميداري آهي جيڪو آئين سا?? گڏ نٿو هلي ان سا?? مُشڪلا??ُو?? پيدا ٿينديون آهن، هر هڪ کي آئين پاڪستان جي ??اسداري ڪرڻ گهرجي، آئون هن وقت اسپيڪر آهيان ۽ اسپيڪر سموري هائوس جو اسپيڪر ه??ند?? آهي، هن چيو ته جيڪي استعيفائون مون وٽ آيون آهن ۽ جن استعيفائن تي شڪ آهي انهن کي ٻيهر چيڪ ڪرڻ چاهيان ٿو، آئين پاڪستان ۾ ئي اسان جي ڀلائي آهي، آئين سا?? گڏ بيهڻو پ??ند??، يقين آهي ته پاڪستاني قوم آئين پاڪستان ۽ سمورن ادارن سا?? گڏ بيهندي، هن چيو ته آئين پاڪستان ۽ پارليامينٽ جي تقدس کي برقرار رکڻ اسان سڀني جو فرض آهي، 73ع جي آئين تي عمل وقت جي ضرورت آهي، اسپيڪر جي حيثيت سا?? پنهنجون ذميداريون ۽ پارلياماني نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندس، مون سميت سڀني ماڻهن کي آئين تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.