اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير مسئلي تي حڪومت ، فوج، سياسي پارٽيون ۽ عوام متح?? آهن، ان مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري حل ڪري سگهجي ٿو، ڪشميرين تي ڀارتي ظلم ۽ ستم عالمي معاهدن جي خلاف ورزي آهي، وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ سياسي ۽ پارليماني پارٽين جي اڳواڻن جي اجلاس ۾ پاڪستان جي هٿياربند ف??ج جي شهيدن ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي شهيدن لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي، اجلاس کانپوءِ جاري ٿيندڙ گڏيل پڌرنامي ۾ ان عزم جو اظهار ڪي?? ويو آهي ته پاڪستان جي حڪومت، فوج، سياسي پارٽيون ۽ عوام ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي حمايت لاءِ مڪمل طور تي متح?? آهن جنهن جي ضمانت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ ڏني وئي آهي. ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ گذريل 87 ڏينهن ۾ 110 بي گناهه شهرين کي شهيد ڪي?? جنهن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن.