اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي ??ي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪ فضائيه بابت پيشيوراڻي معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ملڪ جي فضائي سرحد?? جي حفاظت لاءِ پاڪ فضائيه جي پيشيوراڻي صلاحيتن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.