اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، وفاق ڪٿي به اهو ناهي چيو ته اسان چونڊون نه ڪرائينداسين، چونڊن جو انعقاد حڪومت نه اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي. هو پا??لي??مينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائي رهي هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جون ڳالهيون جاري آهن، حتي الامڪان ڪوشش آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون پاڪستان جي حق ۾ ٿين، ان ڏس ۾ ق??اس آرائيون نه ٿيڻ گهرجن، ق??اس آرائين ۾ ڪنهن جو فائدو نه آهي. هن چيو ته هي اهو ئي آءِ ايم ايف معاهدو آهي جيڪو عمران خان ڪري ويو هو، گذريل حڪومت ان معاهدي کي معطل ??ري ڪئي وئي ??ئي?? موجوده حڪومت ملڪ کي ڊيفالٽ طرف وڃڻ کان بچايو. هن چيو ته سڀني کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، ٿورو انتظار ڪريو، آءِ ايم ايف سان جيڪو معاهدو ٿيندو قوم آڏو آڻينداسين. هن چيو ته هڪ طرف کان آءِ ايم ايف ڳالهين بابت ذريعن کان خبرون هلائي پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي، ميڊيا کي به گهرجي ته اها آءِ ايم ايف ڳالهين بابت حڪومت يا ناڻي واري وزارت جون تصديق ٿيل شيون قوم آڏو آڻي.