اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غريب عوام جي تڪليفن تي حڪومت خاموش تماشائي نه ٿي بڻجي سگهي، عوام خاص طو?? تي غريب ۽ پگهاردار طبقي کي رليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت هر حد تائين ويندي، ??ڄ اڱاري ڏينهن ڪابينا جي اجلاس ۾ وڏن ف??صل?? جو اعلان ڪيو ويندو. وزيراعظم جي ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن عوام خاص طو?? تي غريب ۽ پگهاردار طبقي کي مهانگائي کان رليف فراهم ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس جي صد??رت ڪندي ڪيو.