اسلام آباد – 03 مارچ (اي پ?? پي) سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اسان سڀ ان ڳالهه تي متفق آهيون ته عمران خان ايماندار شخص آهي ۽ سندس ڪو به ذاتي مفاد نه آهي ۽ نه ئي هن جي ڪنهن سان ڪا ذاتي دشمني آهي، نواز شريف پنهنجي بيماري کي پاڻ تڪراري بڻايو آهي، سندس پارٽي ۾ به بيچيني پ??دا ٿي وئي آهي، اسان جون ڪمزوريون ضرور آهن پر حڪومت ۾ ملڪ جي ڪمزور طبقن جي ڀل??ئي لاءِ آيا آهيون، ان ڳالهه کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو ته ڪو ماڻهو پاڪستان جي جهنڊي ۽ رياست خلاف نعرو هڻي، جيڪڏهن ان کي روڪيو ويو ته گهرو ويڙهه ٿيندي، سڀني کي دعوت ڏيون ٿا ته پارليامينٽ ۾ اچي ڳالهائين، جيستائين ادارن ۾ سڌارا نه ايندا تيستائين ملڪ ترقي نه ڪري سگ??ند??، پاڪستان جلد ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪري ايندو. قومي خابرو اداري (اي پ?? پي) جي هيڊڪوارٽر ۾ ه?? پينل انٽرويو ۾ هن چيو ته هر حڪومت جي خواهش هوندي آهي ته ان جي لاءِ سياسي ۽ سماجي مسئلا نه ٿين.