اسلام آبا?? – 25 جولاءِ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته پرچيءَ جو ??بوت کڻي سياست شروع ڪندڙ بلاول زرداري پنهنجي تاريخ کان به واقف نه آهي، قوم ڄاڻي ٿي ته ڪير ڪنهن کي ڊيڊي چوندو هو، اسان کان ٻن سالن جي ڪارڪردگي جو ??ساب وٺندڙ سنڌ ۾ پنهنجي ٽن نسلن جي اقتدار جو ??ساب ڏين، سنڌ مان ڪڻڪ چوري، گهپلن ۽ جعلي اڪائونٽس جا آواز اچي رهيا آهن ۽ نيب جاچ ڪري رهي آهي، توهان کي ان جو ??واب ڏيڻو پوندو، صحيح معنيٰ ۾ احتساب ٿئي ته بلاول زرداري جي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ ڏنل تعليمي فيس پڻ واپس ڏيڻي پوندي، اسان جي حڪومت جي 2 سالن دوران مني لانڊرنگ ۽ ڪرپش?? جو هڪ ڪيس به سامهون ناهي آيو، جنرل ضياءَ الحق ۽ جنرل جيلاني جي سرپرستي ۾ سياسي پرورش ڪندڙ به پاڻ کي جمهوريت پسند چون ٿا، جيڪي مزاحيه اداڪار ۽ ڪرڪيٽر بڻجڻ ۾ ناڪام ٿي ويا ته سياستدان بڻجي ويا، مخالف ڌر کي عمران خان جي ڪشميرين ۽ اسلامي دنيا جو ??فير بڻجڻ جو ڏک آهي، پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي 22 سالن جي جدوجهد جي ساٿين ۽ قوم کي تاريخي ڏينهن تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، قوم عيدالاضحيٰ جي موقعي تي اعلان ڪيل ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪري ته ج??ئن ڪورونا جي ڦهلاءُ کي روڪي سگهجي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي پريس ڪانفرنس ۽ مخالف ڌر جي بيانن جي ردعمل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مواصلات واري وفاقي وزير چيو ته 25 جولاءِ 2018ع جي چونڊن جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي تاريخي ڏينهن تي ڪارڪنن ۽ 22 سالن جي جدوجهد جي ساٿين ۽ وزيراعظم عمران خان جي چاهيندڙن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو جن ٻه سال اڳ اڄ جي ڏينهن اسان جي خيبرپختونخواهه حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ فرسوده نظام جي خلاف 22 سالن جي مسلسل جدوجهد کانپوءِ عوام مقبول ترين ليڊر عمران خان کي وزيراعظم چونڊيو. هن چيو ته بلاول زرداري اڄ هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي آهي جنهن جو ??واب ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو.