اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) نوٽ کي ووٽ سان ڀيٽڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي، مخالف ڌر جي مفاد ۾ نه آهي ته اليڪشن شفاف ٿئي ۽ ان ۾ پئسن جو اثر رسوخ نه هجي، هو ??هڙ?? ماڻهن کي چونڊرائڻ چاهين ٿا جيڪي اهليت نه رکندا هجن ۽ نه ئي قابليت، ا??هن جون تر??يحون پنهنجي ڪاروبار کي فروغ ڏيڻ آهي، عوام جي مفادن ۽ حقن جو ٻيڙو وزيراعظم عمران خان کنيو آهي، جيڪو روشني جي قوت آهي، قومي چونڊن ۽ سينيٽ چونڊن جي باري ۾ اسان جو بيانيو ڪافي واضح ٿي ويو آهي ته ڪير ڪٿي بيٺل آهي، پٽ جي وڊيو کا??پوءِ يوسف رضا گيلاني کي ٻي ئي ڏي??هن استعيفيٰ ڏيڻ گهربو هو. هو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ ڪامياب ٿيندڙ سينيٽر بئريسٽر علي ظفر سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته گذريل ڪيترن ئي هفتن ۽ مهينن کا?? عمران خان ۽ سندس حڪومت ان ڳالهه تي زور ڏئي رهي هئي ته چونڊ عمل شفاف هجڻ گهرجي. هن چيو ته شفاف اليڪشن کا??پوءِ اسان جي ايوان جو تقدس بحال ۽ 1985ع کا?? شروع ٿيندڙ پئسي جي ڪلچر جو خاتمو ممڪن آهي. پئسن جي ڪلچر سان ايوان ۾ ايندڙن جون تر??يحون عوام نه پر پئسو ڪمائڻ هوندو آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي اسان جي سياسي ڪلچر کي پئسن سان رنڱي ڇڏيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان 2015ع کا?? اليڪشن سڌارن جي ڳالهه ڪئي ۽ 2018ع سينيٽ اليڪشن ۾ پنهنجي 20 ميمبرن کي فارغ ڪيو. ان کا?? پهرين يا پوءِ ڪ??هن سياسي پارٽي ۾ ائين نه ٿيو. هن چيو ته سينيٽ اليڪشن کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم سپريم ڪورٽ کا?? رهنما??ي وٺڻ، قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪرڻ ۽ صدارتي آرڊيننس جاري به ڪيو ويو، جيڪڏهن مخالف ڌر پارٽيون به اتفاق ڪري وٺن ها ته اڄ سينيٽ اليڪشن شفاف ٿي سگهن ها.