اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي واپارين ۽ صنعتڪارن تي زور ڏنو آهي ته هو عورتن ۽ معذور ماڻهن کي پنهنجي ادارن ۾ ملازمت ڏئي ان??ن جي مالي شموليت ۽ بااختيار بڻائڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، حڪومت پنهنجي ڪاروبار لاءِ ڪامياب جوان پروگرام تحت 100 ارب روپيا مختص ڪيا آهن. نو??وانن، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي قرضن کي حاصل ڪرڻ ۾ سهولت ۽ رهنمائي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن چيمبر جي صدر قيصر اقبال بريال جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صدر ??ي سيالڪوٽ چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي برآمدي صلاحيت ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ان ج?? حصيداري جي باري ۾ ??گا??ه ڪيو. قيصر اقبال بريال صدر ??ي سيالڪوٽ جي واپاري برادري کي درپيش مسئلن کان به ??گا??ه ڪيو، صدر ??اڪٽر عارف علوي وفد کي خاطري ڪرائي ته سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ضروري مدد فراهم ڪئي ويندي. وفد سان ڳالهائيندي صدر ??يو ته معذور ماڻهو ملڪي آبادي جو 12 کان 14 سيڪڙو آهن ۽ ان??ن کي ڪاروباري برادري جي خصوصي تعاون سان هنر جي فراهمي جي ذريعي روزگار ۽ مالي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته حڪومت نو??وانن، عورتن ۽ معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ان??ن جي مالي شموليت تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ان سلسلي ۾ ڪامياب جوان پروگرام تحت 100 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن ته جئين هو پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهن، هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ??گا??ي جي کوٽ جي ڪري ماڻهو حڪومت پاران پيش ڪيل قرضن مان ڀرپور فائدو ناهن وٺي سگهيا ۽ قرضن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ان??ن جي سهولت ۽ رهنمائي جي ضرورت تي زور ڏنو. بعد ۾ روالپنڊي ، اسلام آباد ۽ اٽڪ چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عورت نمائندن تي ٻڌل هڪ وفد به صدر سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ آڪٽوبر ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي حوالي سان ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وفد ڇاتي جي ڪينسر بابت ??گا??ي مهم ۾ پنهنجي تعاون جي آڇ ڪئي ۽ صدر ??ي يقين ڏياريو ته هو اين جي اوز، عورتن جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي تعاون سان ان بيماري جي باري ۾ ??گا??ي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون.