اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته نبي ڪريم ﷺ جي تعليمات تي عمل ڪاميابي جي ڪنجي آهي. عيد ??يلاد النبي ﷺ جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو ته حضور ن??ي آ??ر الزمان ﷺ جي زندگي هر مسلمان جي لاءِ رول ماڊل آهي ۽ ان جي تعليمات تي عملدرآمد دنيا ۽ آخرت جي ڪنجي آهي. هن چيو ته 12 ربيع الاول جو ڏينهن مسلمانن لاءِ هڪ خصوصي ڏينهن آهي ڇو ته ان ڏينهن حضرت محمد ﷺ دنيا تي تشريف آندي. شاهيره شاهد چيو ته اسان کي پنهنجي نوجوان نسل کي ٻڌائڻ گهرجي ته اسلام جي تبليغ جي دو??ان حضور نبي ڪريم ﷺ ڪيترين مشڪلاتن کي منهن ڏنو ۽ ان جي طرز زندگي ڪهڙي هئي. هن چيو ته اسان پنهنجي نوجوانن کي ٻڌايون ته حضرت محمد ﷺ جي تعليمات تي عملدرآمد ڪري اسان پنهنجي زندگين ۾ ڪيئن بهتري آڻي سگهون ٿا، هن چيو ته ن??ي آ??ر الزمان ﷺ جي تعليمات کي سڄو سال ياد رکڻ گهرجي ۽ ان تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.