اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته اڳوڻي دور جي بدترين پاليسين ملڪي معيشت تباهه ڪئي، اڄ قوم انهن پاليسين جو نتيجو ڀوڳي رهي آهي، عالمي منڊي ۾ بحران جي ڪري تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو جنهن جو اثر هتي به پيو، سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ اٽي ۽ کنڊ جون قيمتون وڌيڪ آهن، سنڌ ۾ اڪثر شگر ملز آصف علي زرداري ۽ پنجاب ۾ شريف خاندان هلائين ٿا، سنڌ کي پهرين نومبر کان ڪمند جي پيڙهائي شروع ڪرڻي هئي پر ان ۾ دير ڪئي پئي وڃي، حڪومت کنڊ جي قيمت 90 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي جنهن جي خلاف شگر ملز منع نامو حاصل ڪري ورتو، حڪومت وٽ 22 ڏينهن جي لاءِ کنڊ جو ذخيرو موجود آهي، پنجاب ۾ 15 ڏينهن ۾ ڪريشنگ شرو?? ٿي ويندي ته صورتحال بهتر ٿي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير فخر امام سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته عوام (ن) ليگ جي ڳالهين ۾ اچڻ واري نه آهي، اڄ جيڪي اسان ک?? حل ٻڌائي رهيا آهن اهي مسئلا به انهن ئي ماڻهن جي ڪري آهن. انهن ماڻهن جي ڪري ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ٿيو، انهن پاڪستان ک?? ڊي انڊسٽرلائيز ڪيو، 2010ع کان 2018ع تائين بدترين سال گذريو جنهن دوران پاڪستان جو قرض 6 هزار ارب رپين مان 23 هزار ارب رپين تائين پهتو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته هن سال اسان ک?? 10 ارب ڊالر قرض ??اپس ڪرڻو آهي، ايندڙ سال اسان ک?? 12 ارب ڊالر قرض ??اپس ڪرڻو آهي، انهن ماڻهن ايترا وڏا قرض ??رتا ۽ واپسي جو سو??يو ئي نه. اهڙي طرح جي غيرذميواراڻي معاشي پاليسين جي ڪري اڄ پوري قوم مسئلن ک?? منهن ڏئي رهي آهي. هن ??يو ته ٽن سالن ۾ انهن ماڻهن جي خراب پاليسين جا اثر ختم ڪرڻ ممڪن نه آهي، اسحاق ڊار جي بدترين پاليسين تي سڀ کان وڌيڪ تنقيد شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل ئي ڪندا هئا ۽ هاڻي اهي انهن پاليسين تي وضاحتون پيش ڪن ٿا. چوڌري فواد حسين ??يو ته اسحاق ڊار جهڙي طريقي سان ملڪي معيشت تباهه ڪئي، هو ان جو ذميوار آهي، هن ڊالر کي سئو رپين تائين محدود رکيو. کنڊ جي قيمتن ۾ اضافي جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته هن وقت کنڊ جي قيمتن ۾ اضافي جون خبرون ڪراچي مان اچي رهيون آهن، ڪراچي ۾ ٻين شين جون قيمتون به ملڪ جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن، هن وقت ڪڻڪ جي اٽي جي ٿيلهي جي قيمت ڪراچي ۾ پنجاب جي ڀيٽ ۾ 380 رپيا وڌيڪ آهي. چوڌري فواد هسين ??يو ته سنڌ حڪومت کي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ گهرجي، اڳ ۾ انهن ڪڻڪ جي ريليز ۾ دير ڪئي ۽ هاڻي کنڊ جي ڪريشنگ ۾ دير ڪئي پئي وڃي. سنڌ حڪومت جي ڪري ئي سنڌ جا ماڻهو مسئلن ک?? منهن ڏئي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته سوشل ميڊيا تي وڊيوز اچي رهيون آهن، سنڌ ۾ ڏينهن ڏٺي ماڻهو قتل ٿي رهيا آهن، ڪٿي شڪار جي وڊيوز ٺاهڻ تي قتل ٿي رهيا آهن ۽ ڪنهن جڳهه تي عورتون قتل ٿي رهيون آهن، ائين لڳي ٿو سنڌ ۾ پوليس نالي جي ڪا شيءَ ئي نه آهي. هن ??يو ته ميڊيا کي به ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي، سنڌ حڪومت تي دٻاءُ وڌو وڃي ته اها اهڙي واقعن جي آزاداڻي جاچ ڪري. چوڌري فواد حسين ??يو ته کنڊ جي ڏهاڙي کپت 15 هزار ٽن آهي، ان مان 6 هزار ٽن ڊوميسٽڪ صارفين استعمال ڪن ٿا، 9 هزار ٽن صنعتي صارفين ڏانهن وڃي ٿي. حڪومت وٽ هڪ لک 30 هزار ٽن ک??ڊ موجود آهي تنهن ڪري ڪنهن قسم جو ڪو پريشر نه آهي، 22 ڏينهن جي لاءِ اها کنڊ ڪافي آهي، 15 ڏينهن ۾ پنجاب ۾ ڪريشنگ شرو?? ٿي ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو سٽي جي نتيجي ۾ ٿيو، سنڌ ۾ اڪثر شگر ملز آصف علي زرداري هلائي رهيو آهي جڏهن ته پنجاب م شريف فيملي، 15 ڏينهن اڳ جيڪا ڪريشنگ شرو?? ٿي، انهن پنهنجي شگر ملز جو اسٽاڪ روڪي ورتو جنهن جي ڪري کنڊ جون قيمتون وڌي ويون. هن ??يو ته حڪومت کنڊ جي قيمت 90 رپيا مقرر ڪئي، ان ۾ شگر ملز جو 16 رپيا منافعو به شامل آهي، جڏهن اسان ان ک?? ريليز ڪرائڻ وياسين ته انهن عدالت کان منع نامو حاصل ڪري ورتو. هن ??يو ته ملڪ ۾ کنڊ جو بحران پرائيويٽ شگر ملز جي ڪري آهي، اسان جي عدليه کي اپيل آهي ته منعو نامو ختم ٿيڻ گهرجي ته جيئن حڪومت ماڻهن ک?? کنڊ 90 رپيا في ڪلو فراهم ڪري سگهي. هن ??يو ته سنڌ حڪومت کي پهرين نومبر کان ڪريشنگ شروع ڪرڻي هئي پر سنڌ نه ڪئي، پنجاب ۾ اهو سلسلو شرو?? ٿي ويندو ته صورتحال بهتر ٿي ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي حوالي سان بحران واري صورتحال آهي، حڪومت (ن) ليگ جي دور جي ٽيڪسن ک?? برقرار رکي ها ته اڄ پيٽرول جي قيمت 180 رپيا في ليٽر کان وڌيڪ هجي ها، حڪومت ان مد ۾ ساڍا 4 سئو ارب رپيا ڪمائي چڪي هجي ها. چوڌري فواد حسين ??يو ته اسان ٽيڪسن ک?? هن وقت سڀ کان گه?? ترين سطح تي رکيو آهي، حڪومت پيٽرليم مصنوعات جي مد ۾ 50 ارب رپيا ڪمائي رهي آهي جيڪي 450 ارب کان 500 ارب رپيا هجڻ گهرجن ها. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته گڏيل قومن به ??يو آهي ته عالمي منڊي ۾ خوراڪ جون قيمتون 10 سالن جي بلند ترين سطح تي آهن. اهڙي طرح سڄي دنيا ۾ توانائي جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيو آهي. هن ??يو ته ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ غربت جي شرح به وڌيڪ آهي، اتي تيل جون قيمتون پاڪستان جي ڀيٽ ۾ 50 رپين کان 60 رپيا وڌيڪ آهن جڏهن ته اتي مخالف ڌر به تنقيد ڪري رهي آهي ته پاڪستان تيل تي ٽيڪسن جي شڊرح گه?? ڪري عوام کي ريليف ڏنو آهي، هو ريليف ڇو نه ڏئي رهيا آهن. هن ??يو ته وزيراعظم عمران خان احساس پروگرام جو اعلان ڪيو، 31 هزار رپيا ماهوار ڪمائيندڙ هڪ ڪروڙ 20 لک خاندانن ک?? اٽي، دال ۽ گيهه تي 30 سيڪڙو سبسڊي ڏني ويندي. هن ??يو ته مهانگائي ۾ 27 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، اسان 31 هزار رپين کان گه?? ڪمائيندڙن ک?? 30 سيڪڙو سبسڊي ڏني آهي. هنچ يو ته مڊل ڪلاس طبقي جي لاءِ صحت ڪارڊ آندو ويو، 10 لک رپين تائين انهن جو علاج مفت ٿي سگهندو، ان ۾ اسلام آباد، خيبرپختونخواهه جا سمورا شهري شامل آهن، پهرين جنوري تائين پنجاب جا شهري به ان پروگرام ۾ شامل ٿي ويندا. هن ??يو ته اسان سنڌ کي به ان پروگرام ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ ??يو آهي، بلوچستان ان پروگرام ۾ پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته تيل ۽ ايل اين جي جو بحران عالمي بحران آهي، تيل ۽ ايل اين جي جي هتي پيداوار نه ٿي ٿئي، اسان اهي شيون درآمد ڪريون ٿا. هن ??يو ته برطانيا، آمريڪا، ڀارت، بنگلاديش ۾ به اهو الزام لڳي رهيو آهي ته اهي انهن شين جون قيمتون مئنيج نه ڪري سگهيا. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته کنڊ جي قيمت جو جيستائين تعلق آهي بلوچستان ۽ سنڌ جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 145 کان 150 رپين تائين ملي رهي آهي، سنڌ ۾ پيڙهائي ۾ دير جي ڪري مجموعي طور تي اها صورتحال پيدا ٿي.