اسلام آباد – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي ان عزم کي ورجايو آهي ته اسان سرديءَ جي موسم اچڻ کان اڳ انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي سميت هر ممڪن قدم ک??ڻ جي لاءِ افغان عوام سان گڏ بيٺل آهيون، موجوده صورتحال جي ڏس ۾ پاڪستان طئي ٿيل قاعدن ۽ ضابطن موجب ۽ انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي جي مقصدن جي ڏس ۾ ڀارت پاران ڪڻڪ جي فراهمي بابت چرپر جي لاءِ افغان ڀائرن جي درخواست تي همدرداڻو غور ??ند??. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان مل??قا?? دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي افغان وفد ۾ وقتي ناڻي ??ارو وزير، صنعت ۽ واپار ۽ ٻيا اعليٰ عملدار سامل هئا. وزيراعظم افغانستان جي حمايت ۽ انهن جي ملڪ کي درپيش چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان عوام جي مدد لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ پرامن، مستحڪم، خودمختيار، خوشحال ۽ ٺوس افغانستان جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت قدمن، سمورن افغانين جي حقن جي تحفظ، نظم ۽ ضبط ۽ سياست ۾ سمورين ڌرين جي سموليت سان افغانستان ۾ استحڪام کي هٿي ملندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته عبوري افغان حڪومت عالمي برادري سان تعميري ڳالهيون جاري رکندي ۽ درپيس مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مثبت قدم ک??ندي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ فوري طور تي انساني بنياد تي ريليف جي فراهمي جي لاءِ مسلسل زور ڏئي رهيو آهي. ويراعظم معاشي تباهي کان بچڻ جي لاءِ افعانستان جا منجمند ڪيل اثاثا جاري ڪرڻ ۽ بئنڪنگ ٽرانزيڪشن ۾ سهولت جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي ان عزم کي ورجايو ته اسان سرديءَ جي موسم اچڻ کان اڳ انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي سميت هر مڪن قدم ک??ڻ جي لاءِ افغان عوام سان گڏ بيٺل آهيون. وزيراعظم چيو ته امداد ۾ اڳ ۾ ئي اضافو ڪيو ويو آهي، پاڪستان افغانستان کي ڪڻڪ، چانور، هنگامي طبي امداد ۽ شيلٽرز سان لاڳاپيل سامان سميت ضرورت جون شيون فراهم ??ند??. وزيراعظم چيو ته موجوده صورتحال جي ڏس ۾ پاڪستان طئي ٿيل قاعدن ۽ ضابطن موجب ۽ انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي جي مقصدن جي ڏس ۾ ڀارت پاران ڪڻڪ جي فراهمي بابت چرپر جي لاءِ افغان ڀائرن جي درخواست تي همدرداڻو غور ??ند??. وزيراعظم عمران خان ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي اچ وڃ ۾ سهولت جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ فروغ جي لاءِ ٽرانزٽ ۽ علائقائي رابطن جي اهميت تي پڻ زور ڏنو.