اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته پاڪستان ترڪي ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ميڊيا رابطن جي فروغ لاءِ گڏيل ٽيليويزن قائم ڪي?? ويندو، ميڊيا حصيداري جي لاءِ فوڪل پرسنز ٺاهيا ويا آهن، جوائنٽ ميڊيا نيٽ ورڪ جوڙينداسين، او آءِ سي پليٽ فارم تحت اسڪالرز جو اهڙو يونٽ جوڙيو وڃي جيڪو مذهبي مسئلن ۾ رهنمائي ڪري سگهي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي او آءِ سي اجلاس جي موقعي تي مختلف نمائندن سان ملاقاتون ٿيون، افغانستان جي صورتحال بنيادي موضوع رهي، وزيراعظم رحمت للعالمين اٿارٽي جو پڻ خاص طور تي ذڪر ڪي??. هن چيو ته پاڪستان ترڪيءَ ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ميڊيا رابطن جي فروغ لاءِ گڏيل ٽيليويزن قائم ڪي?? ويندو، ميڊيا حصيداري جي لاءِ فوڪل پرسنز ٺاهيا ويا آهن، جوائنٽ ميڊيا نيٽ ورڪ جوڙينداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان، ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ شدت پسندي جي معاملن کي منهن ڏ??ڻ جي ضرورت آهي، او آءِ سي پليٽ فارم تحت اسڪالرز جو اهڙو يونٽ جوڙيو وڃي جيڪو مذهبي مسئلن ۾ رهنمائي ڪري سگهي. هن چيو ته رحمت للعالمين اٿارٽي جي ذريعي سمورن اسڪالرز کي هڪ جڳهه تي گڏ ڪي?? ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته او آءِ سي تحت اهڙو فور?? جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جيڪو مذهبي بحث ۾ ايندڙ مسئلن کي حل ڪري سگهي. هن چيو ته رحمت للعالمين اٿارٽي جي دائري کي سگهه ڏني ويندي، او آءِ سي تحت اهڙو ئي يونٽ جوڙيو ويندو.