اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) ??رڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چ??و آهي ته پاڪستا??، اسلام آباد ۾ منعقد ??و آءِ سي ??رڏ??هي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس کانپوءِ افغان عوام جي حمايت ۾ ٿيندڙ ٻن اهم اڳڀراين جي آجيان ڪري ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل افغانستان کي امداد فراهم ڪرڻ جي قرارداد منظور ڪئي آهي جنهن ۾ بنيادي ضرورتن جي فراهمي جي حمايت ڪئي وئي آهي. هڪ ٻي اڳڀرائي ۾ هن چيو ته آمريڪا امداد جي فراهمي ۾ آساني لاءِ طالبان سان ڪاروبار ڪندڙ آمريڪي ۽ گڏيل قومن جي اهلڪارن کي آمريڪي پابندين کان آجو قرار ڏنو و??و آهي.