اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پارٽي آئين تي نظرثاني ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ نئين آئيني اسڪيم جي من??وري ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اهم ترين اجلاس وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي صدارت ۾ خميس ڏينهن ٿيو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ من??وبابندي ۽ مرڪزي سيڪريٽري جنرل اسد عمر سميت سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي ميڊيا ڊپارٽمينٽ مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي آئين تي نظرثاني لاءِ جوڙيل خصوصي ڪميٽي جي پيش ڪيل سفارشن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين نظرثاني ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ نئين آئيني اسڪيم جي من??وري ڏئي ڇڏي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي قيادت ۾ نون نامزد ڪيل ذميدارن کي هيٺين سطح تائين تنظيم سازي جو عمل جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي فوري هدايت ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف وفاق پاڪستان جي مقبول ۽ من??م ترين سي??سي قوت آهي، سي??سي ۽ انتظامي طور تي هيٺين سطح تائين عوام کي بااختيار بڻائڻ جي هدفن طرف وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته قومي تعمير ۽ ترقي جي عمل ۾ سماج جي غريب طبقي جي ڀلائي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. صحت ڪ??رڊ کان سستي راشن اسڪيمن تائين حڪومت فلاحي رياست جي طرز تي عوامي ڀلائي تي غير معمولي وسيلا خرچ ڪري رهي آهي، هن چيو ته تحريڪ انصاف جا ڪارڪن حڪومت جي ڀلائي جي من??وبن جا ثمر عوام تائين پهچائڻ جي عمل ۾ شرڪت ڪن. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي تنظيمي ذميدار هر سطح تي پاڻ کي من??م ۽ آئنده جي سي??سي چئلينجن مان سرخرو ٿيڻ جي تياري ڪن.