اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چار لائينن واري هاءِ وي جي تعميري لاڳت مسلم ليگ (ن)) جي حڪومتي دو?? جي 411 ملين روپيا في ڪلوميٽر جي مقا??لي ۾ گهٽ ڪري 172 ملين روپيا في ڪلو ميٽر ڪرڻ ۽ روينيو وصولي ۾ 125 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافي تي مواصلات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي کي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پنهنجي حڪومتي دو?? جي ڀيٽ جو چارٽ جاري ڪندي چيو ته مواصلات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي جي شفافيت ۽ ڊجيٽلائيزيشن جي ڪري چار لائين واري هاءِ وي جي لاڳت تي قومي خزاني کي مسلم ليگ ن جي حڪومتي دو?? جي مقا??لي ۾ وڏي بچت ٿي آهي، ان کانسواءِ گذريل دو?? جي مقا??لي ۾ ساڍا ٽن سال جي دوران روينيو وصولي ۾ 125 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جيڪو 81.78 ارب روپين کان وڌي 184.14 روپيا ٿي ويو آهي، ان کانسواءِ 5.18 ارب روپين جي ماليت جي زمين قبضن ک??ن آجي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته اها ڪاميابي ناڻي واڌ ۾ اضافي ۽ عالمي سطح تي قيمتن ۾ اضافي جي باوجود حاصل ٿي آهي، هن ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي دو?? ۾ چار لائين واري هاءِ وي جي تعميري لاڳت 17 ڪروڙ 20 لک روپيا في ڪلوميٽر ٿي وئي آهي جيڪا مسلم ليگ (ن) جي 2013ع کان 2018ع جي حڪومتي دو?? ۾ 41 ڪروڙ 10 لک روپيا في ڪلوميٽر يعني 138 سيڪڙو کان وڌيڪ هئي. هن ٻڌايو ته چار لائينن واري موٽر وي تي مسلم ليگ ن جي دو?? ۾ لاڳت 60 ڪروڙ 60 لک روپيا هئي ۽ پي ٽي آءِ جي دو?? ۾ اها لاڳت 53 سيڪڙو گهٽ ٿي 38 ڪروڙ 50 لک روپيا ٿي وئي. هن ٻڌايو ته مسلم ليگ ن جي دو?? ۾ روڊ جي بحالي تي 8 ڪروڙ هڪ لک روپيا في ڪلوميٽر لاڳت آئي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي دو?? ۾ اها لاڳت گهٽجي 5 ڪروڙ 30 لک روپيا رهجي وئي. هن ٻڌايو ته مسلم ليگ ن جي دو?? ۾ پهرين ساڍا ٽن سالن ۾ روينيو وصولي 8 ڪروڙ 17 لک روپين کان وڌيڪ جڏهن ته پي ٽي آءِ جي انهي عرصي ۾ اها وصولي 18 ڪروڙ 41 لک روپين کان ٽپي وئي آهي جيڪو 125 سيڪڙو اضافو آهي.