اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ابوظهبي جي ??لي عهد ۽ گڏيل عرب امارات جي ??ٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر محمد بن زيد ڪالهه سومر ڏينهن ٽيليفون ڪئي ۽ لاهور ۾ دهشتگردي جي ??اقعي ۾ جاني نقصان جي ??ذمت ڪئي ۽ سوڳوار خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ابوظهبي جي ??لي عهد 20 جنوري 2022ع تي لاهور ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي، جنهن ۾ ٽي مانهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. هن سمورن متاثرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ولي عهد پاڪستان جي ??يادت، حڪومت ۽ عو??م سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم تعزيت ۽ حمايت جي ڀرپور اظهار تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا. هر قسم جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ??ڪي عزم کي ورجائيندي وزيراعظم چيو ته دهشتگرد حملن ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، ??خت??ف فور??ن تي تعاون وڌائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهو رابطو جاري رکڻ جي ??اڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن جي ??يادت جي ??چ ۾ لاڳيتو ۽ خوشگوار رابطو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي ??چ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جو عڪاس آهي.