اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب نجي ٽي وي چينل جي سينيئر پروڊيوسر اطهر متين جي مارجي وڃڻ جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي بيان ۾ سوڳوار خاندان سان د??ي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته دعا آهي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي، هن چيو ته مون کي ان افسوسناڪ واقعي ۾ اطهر متين جي مارجڻ تي دلي صدمو ۽ ??ک ٿيو آهي، اسان جون سموريون همدرديون پونئيرن سان گڏ آهن. سماءَ نيوز جو سينيئر پروڊيوسر اطهر متين ڪراچي ۾ ڦ??رن جي فائرنگ سبب مارجي ويو آهي.