اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??خدوم شاهه محمود قريشي سان نائجيريا جي دفاع واري وزير ??يجر جنرل (ر) بشير صالحي مگاشي پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ نائجيريا جي وچ ۾ وڌندڙ دفاعي تعاون اطمينان جوڳو آهي. گذريل سال پاڪستاني جي ايف ٿنڊر جنگي هوائي جهازن جي نائجيريا منتقلي انتهائي سٺو سنئوڻ ??هي، شاهه محمود قريشي چيو ته نائجيرين فوجين کي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي روڪٿام ج?? تربيت جي فراهمي اسان جي دفاعي لاڳاپن جي استحڪام ج?? مظهر آهي، پرڏيهي وزير ??اڪستان ۽ نائجيريا جي وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ بارڊر مينيجمينٽ ۽ سرويلنس جي حوالي سان مفاهمت نامي تي جلد صحيحن جي ضرورت ت زور ڏنو ۽ چيو ته اسان ٻطرفي سياسي مشاورت، سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ هولڊرز جي لاءِ ويزا جي خاتمي جي حوالي سان التوا ۾ پيل مفاهمت نامن کي جلدي حتمي شڪل ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، پرڏيهي وزير چيو ته اسان نائجيريا جي صدر محمد بوهاري کي پاڪستان ۾ جلد خوش آمديد چوڻ ??ا منتظر آهيون.