اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) مصر جو پرڏيهي وزير سامح شڪري اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين سيشن ۾ شرڪت جي لاءِ آچر ڏينهن اسلام آباد پهچي ويو. سندس ??چڻ تي وزيراعظم جي مذهبي هم آهنگي واري خاص نمائندي علامه طاهر محمود اشرفي سندس ??ستقبال ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي علامه طاهر محمود اشرفي چيو ته پاڪستان ۽ مصر ڀائراڻا لاڳاپا رکن ٿا. هن چيو ته مصر جو پرڏيهي وزير 24 سالن کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي ۽ اسان سندس ??اندار استقبال ڪريون ٿا. خصوصي نمائندي چيو ته او آءِ سي ڪانفرنس ۾ مسلما?? امت کي درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي ۽ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان مسلما?? امت کي درپيش مسئلن ج?? حل لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي مصر جي پرڏيهي وزير ا?? اميد جو اظهار ڪيو ته ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان مسلما?? امت جي ترقي ۾ مدد ملندي.