اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي آهي ته ريڪوڊڪ سون ۽ ٽامي جي کاڻ جي ترقي نه رڳو بلوچستان پر سڄي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردا?? ادا ڪندي، وزيراعظم سان سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ملاقا?? ڪئي، سينيٽ چيئرمين بلوچستان ۾ ريڪوڊڪ سون ۽ ٽامي جي کاڻ جي ترقي کانسواءِ تقري??ن 11 بلين ڊالر جي ڏنڊ جي معافي لاءِ حڪومت جي بيرڪ گولڊ ڪمپني سان ڪامياب معاهدي تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو، ان معاهدي تحت بيرڪ گولڊ بلوچستان ۾ 10 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو جنهن سان علائقي ۾ 8 هز??ر نيون ملازمتون پيدا ٿينديون، وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ريڪوڊڪ سون ۽ ٽامي جي کاڻ جي ترقي نه رڳو بلوچستان پر سڄي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردا?? ادا ڪندي.