اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ي??ڪر??ن جي صدر ولادي مير زيلينسڪي ٽيليفون ڪئي ۽ ٻنهي اڳواڻن ي??ڪر??ن جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم عمران خان ي??ڪر??ن ۾ جاري عسڪري تڪرار تي گهري افسوس جو اظهار ڪندي فوري جنگ بندي ۽ ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل جي لاءِ پاڪستان جي اصولي موقف کي ورجايو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ي??ڪر??ن ۾ جاري عسڪري تڪرار تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فوري جنگ بندي ۽ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي تڪرار جي حل لاءِ پاڪستان جي اصولي موقف کي ورجايو. وزيراعظم چيو ته هو اسرندر مل??ن تي تڪرار جي منفي معاشي اثرن کي مسلسل اجاگر ڪري رهيا آهن جيڪو تيل ۽ شين جي وڌندڙ قيمتن مان ظاهر ٿئي ٿو. وزيراعظم عمران خان عام شهرين جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ي??ڪر??ن ۾ ماڻهن جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي سامان جي فراهمي لاءِ 2 سي – 130 جهاز روانا ڪيا. اسلامي تعاو?? تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي تازي اجلاس جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻڌايو ته اسلامي مل??ن جي پرڏيهي وزيرن ي??ڪر??ن جي تڪرار جي ڪري سيڪيورٽي ۽ انساني صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ پرڏيهي وزيرن فوري طور تي جنگ بندي جي خاتمي تي زور ڏنو ۽ او آءِ سي جي ميمبر مل??ن پاران ڳالهين واري عمل جي حمايت ۽ سهولت فراهم ڪرڻ تي آمادگي ظاهر ڪئي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جهڙا غيرجانبدار مل?? جنگبندي ۽ ت??رار جي سفارتي حل جي لاءِ ڪوششن کي سگهه ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم عمران خان ي??ڪر??ن جي عملدارن پاران پاڪستاني شاگردن ۽ شهرين سان گڏوگڏ سفارتي عملي جي انخلا ۾ مدد تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ٻين مل??ن پاران سفارتي حل جي سهولت جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن کي پڻ ساراهيو.