اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيدالمالڪي ملاقات ڪئي ۽ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ سعودي سفير وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ اڳ کان موجوده ??طر??ن دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم ??و اظهار ڪيو. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي شعبن ۾ سعودي عرب سان تعاون جي فروغ تي زور ڏنو. ان کانسواءِ هن ت??لي??، صحت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، متبادل ٻارڻ ۽ صاف توانائي جي فروغ لاءِ سعودي عرب جي تجربي مان فائدو کڻڻ جي عزم ??و پڻ اظهار ڪيو.