اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چ??و آهي ته سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات تمام گهڻي سٺي رهي، اسان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپن کي نئي ۽ بلند ترين سطح تي وٺي وڃڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مون سندس بصيرت انگيز قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سعودي عر?? پاران سدائين پاڪستان سان گڏ بيهڻ ۽ سعودي عرب جي د??ري د??ران والهاڻي استقبال تي ان جو ٿورو ادا ڪيو. شهباز شريف چ??و ت?? اسان سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ نون رستن ۽ طريقن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.