اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان پاڪستان ۾ پولينڊ جي سفير ميڪيج پسارسڪي ۽ سوئيڊ?? جي سفير هنرڪ پرسن پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ يوڪرين لاءِ عالمي ڊونرز ڪانفرنس جي حوالي سان خيال?? جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته پاڪستان سمورن اتفراتفري وارن علائقن ۾ شهرين ک?? انساني بنيادن تي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ان ڏس ۾ اسا?? گذريل مهيني هنگامي طور تي امدادي سامان جا ٻه جهاز روانا ڪيا آهن.