اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف تر??ي جي ڪاروباري برادري سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ڀائيچاري کي ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ ثقافت ۾ تبديل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ج?? ٽوئيٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف انقره ۾ ترڪي بزنس ڪائونسل کي خطاب دوران چيو ته اسان حقيقي ۽ مخلصاڻي طور تي تر??ي جي ڪاروباري برادري سان گڏ ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا ته جيئن اسان جي ڀائيچاري کي ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ ثقافت ۾ تبديل ڪري سگهجي.