اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه مان دريافت ٿيندڙ گ??س جي ذخيرن مان عوام کي گ??س جي فوري فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان فوجي فائونڊيشن گروپ جي چيئرمين وقار احمد ملڪ ۽ ماڙي پيٽروليم جي سربراهه فهيم حيدر ملاقات ڪئي. پيٽروليم وارو مملڪتي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ پيٽروليم وارو سيڪريٽري پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اڳوڻي قبائلي علائقن مان دريافت ٿيل گئس فوري طور تي عوام کي فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني. خيبرپختونخواهه ج?? علائقي بنون مان 10 کرب ڪيوبڪ فٽ گ??س جا ذخيرا دريافت ٿيا هئا. وزيراعظم اهي ذخيرا عوام کي گ??س جي کوٽ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي اتر وزيرستان، بنون ۾ نئين دريافت ٿيندڙ ذخيرن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي گ??س جي شعبي جي مجموعي صورتحال، طلب ۽ پهچ کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم لاڳاپيل علائقن جي عوام کي به دريافت ٿيل گ??س جا ثمر فراهم ڪرڻ ۽ علائقي جي ترقي، سماجي ڀلائي، تعليم، صحت جي حوالي سان سفارشو?? پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته کيس آگاهه ڪيو وڃي ته ج?? علائقن مان گئس نڪتي آهي اتان جي عوام ۽ ٻارن کي ڇا ملندو.