لاهور – 20 – جون (اي پي پي) لاهور جي احتساب عدالت رمضان شگر ملز ريفرنس ڪيس ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر، وزيراعظم شهباز شريف پاران مستقل حاضري کان ڇوٽ جي ڏنل درخواست منظور ڪري ورتي، عدالت وزيراعظم شهباز شريف کي ??يشي کان مستقل ڇوٽ ڏئي ڇڏي، احتساب عدالت نمبر 5 جي جج محمد ساجد علي اعواڻ رمضان شگر ملز ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وزيراعظم شهباز شريف عدالت ۾ پيش ٿ??و ۽ پنهنجي مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي، جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز پاران بجيٽ سيشن جي مصروفيتن جي ڪري هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتي. وزيراعظم شهباز شريف ٻڌڻي دوران عدالت ۾ بيان ڏي??دي چيو ته چنيوٽ ۾ نالي جي تعمير مقامي ايم پي اي جي درخواست تي ڪئي وئي جنهن جي لاءِ صوبائي ڪابينا جي منظوري به ورتي وئي هئي، مون پنجاب جي وڏي وزير جي طور تي سدائين عوامي ڀلائي کي ترجيح ڏني آهي، ڪمند جي قيمت مقرر ڪ??دي شوگر ملن بدران آبادگارن جي مفادن کي ??ظر ۾ رکيو ويو، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جڏهن به عدالت گهرايو مون پنهنجي پيشي کي ??قيني بڻايو، ڇاڪاڻ جو اهو منهنجو فرض به آهي ۽ ذميداري به، هاڻي منهنجي ڪلهن تي وڏي ذميداري آهي، قومي ذميدارين جي ادائيگي لاءِ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني آهي، وڪيل امجيد پرويز دليل ڏي??دي چيو ته شهباز شريف جڏهن ٻاهرين ملڪ ويو ??ه حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني، 23 مارچ تي وزيراعظم شهباز شريف واپس آيو ۽ عدالت ۾ پيش ??يو?? امجد پرويز عدالت کي درخواست ڪئي ته وزيراعظم شهباز شريف کي عدالت ۾ پيشي تي حاضري کان مستقل ڇوٽ ڏني وڃي. نيب پراسيڪيوٽر شهباز شريف جي مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست جي مخالفت ڪ??دي چيو ته گذريل درخواست تي ميڊيڪل گرائونڊ ورتا ويا ۽ علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ ويو هاڻي صرف ان ڳالهه تي درخواست داخل ڪئي وئي آهي ته شهباز شريف پاڪستان جو وزيراعظم آهي، عدالت وزيراعظم شهباز شريف جي ڇوٽ لاءِ ڏنل درخواست رد ڪري. عدالت وزيراعظم شهباز شريف جي حاضري مڪمل ڪئي ۽ وزيراعظم کي ??ڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ شهباز شريف جي مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، عدالت ڪجهه دير کانپوءِ فيصلو ٻڌائي??دي حاضري کان مستقل معافي جي درخواست منظور ڪري ورتي ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي ??يشي کان مستقل طور تي ڇوٽ ڏئي ڇڏي. عدالت بريت جي درخواست تي وڪيلن کان وڌيڪ دليل گهر??دي ٻڌڻي 25 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.