اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث بخش پاشا چيو آهي ته ملينيم ڊولپمينٽ گولز ۾ صحت، تعليم، هنرمندي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، پاڻي جي نيڪالي اهم موضوع آهن، اسان کي پنهنجي نوجوانن کي بهتر تعليم ۽ هنر سيکارڻو پوندو، ترقي جا ثمر غريب طبقي تائين نه پهچائڻ بدقسمتي آهي، اسان کي زراعت ۽ ڳوٺاڻن علائقن جي ترقي تي ڌيان ??يڻ?? پوندو. بين الپارلياماني يونين جي سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي آبادي جو 65 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي، اسان کي پنهنجي نوجوانن جي ل??ءِ روزگار جي ??وق??ن ۾ ??ضا??و ڪرڻو پوندو، نجي شعبي سميت هر شعبي کي ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، انساني وسيلن تي سيڙپڪاري اسان جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هن وقت اسان ٻوڏ سان سڀ کان وڏي پئماني تي تباهي جو شڪار آهيون، 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو ان کان متاثر آهن، لکين ايڪڙ تي بيٺل فصلون تباهه ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته هن وقت ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ 6 لک کان وڌيڪ عورتون حاملا آهن جن مان 75 هزار وٽ هن ئي مهيني ٻار جي پيدائش متوقع آهي، ان جي ل??ءِ طبي سهولتون گهربل آهن. هن چيو ته مل?? ۾ ??ڌڻ کان محروم ماڻهن جي ل??ءِ آواز بڻجڻ جي ضرورت آهي، بدقسمتي سان ترقي جا ثمر غريب طبقي تائين نه پهچي سگها، ايشيائي خطي جو ٽيون حصو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي، اڄ هڪ سٺو ??وق??و آهي ته غربت جي خاتمي ل??ءِ قدم کنيا وڃن، ايشيائي خطي ۾ 70ع جي ڏهاڪي ۾ غيرمعمولي ترقي ٿي.