اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراه?? جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ازبڪستا?? جي ٻن ڏينه?? جي دوري جي موقعي تي اڄ ثمرقند ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آذربائيجا?? جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪندو، ان کانپوءِ وزيراعظم چي?? جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. ملاقات کانپوءِ وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس ۾ شرڪت جي لاءِ ڪانگريس سينٽر ويندو. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهن ک?? خطاب پڻ ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم قزاخستا?? جي صدر قاسم جو مارٽ توڪايوف سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم پنهنجي دوري جي پڄاڻي کان اڳ امام بخاري جي مزار تي حاضري پڻ ڀريندو.