اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان کي فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ ۾ ڪا??يابي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي هڪ ٽوئ??ٽ ۾ صدر چيو ته پاڪستان حڪومتي، ادارن ۽ ماڻهن پاران چار سال جي مسلسل محنت کانپوءِ ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪا??ياب ٿيو آهي جنهن تي پاڪستاني قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ان ڪا??يابي جو سهرو انهن سمورن ماڻهن ڏانهن وڃي ٿو جن اڻٿڪ محنت ڪئي، قانونن ۾ تبديليون ڪيون ۽ مني لانڊرنگ جي خاتمي جي حوالي سان قومي عزم تي عمل ڪري ڏيکاريو آهي.