اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ چيني قونصل خاني جو دورو ڪيو ۽ اڳوڻي چيني صدر جيانگ زيمن جي لاڏاڻي تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب چيني قونصل خاني جي دوري جي موقعي تي پرڏيهي وزير ??يو ته اڳوڻي چيني صدر جي پاڪستان سان 50 سالا پراڻي وابستگي هئي، ان جي لاڏاڻي سان چ??ن هڪ عظيم اڳواڻ کان محروم ٿي ويو آهي. هن چ??و ته چين جي ترقي ۾ اڳوڻي صدر جيانگ زيمن جو ڪردار اهم حيثيت رک?? ٿو، انهن کي هڪ عالمي اڳواڻ طور تي به ياد رک??و ويندو جنهن عالمي سطح تي پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي ۽ عالمي امن ۽ ترقي کي فروغ ڏنو.