اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) اسلام آباد ۾ مقرر افغانستان جي ناظم الامور کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪري چمن اسپن بولدڪ جي علائقي ۾ افغان بارڊر سيڪيورٽي فورسز پاران اشتعال انگيز گولاباري جي تازن واقعن تي پاڪستان پاران سخت احتجاج رڪ??رڊ ڪرايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ جاني نقصان ۽ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ کانسواءِ ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان ڳالهه کي ورجايو ويو ته شهرين جو تحفظ ٻنهي ڌرين جي ذميواري آهي ۽ اه??ن واقعن کي روڪڻ ضروري آهي، ان سلسلي ۾ ق??ئم اداراجاتي مڪينزم کي استعمال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. بيان موجب پاڪستان افغانستان ڀائراڻا لاڳاپا برقرار رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پاڪ افغا?? سرحد تي امن ان مقصد جي لاءِ بنياد آهي.