پشاور – 23 – فيبروري (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي غيرمتعدي مرضن بابت وڏي پئماني تي آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ ان ??لسلي ۾ سياسي قيادت ۽ ميڊيا سميت سڀني ڌرين جي ف??ال ڪردار جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اسان کي بيمارين کان ??چڻ جي لاءِ اڳ ۾ ئي احتياطي تدبيرن جو رواج اختيار ڪرڻو پوندو، انهي احتياط سان ڪورونا جهڙي موذي وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي (ڪي ايم يو) ۾ غيرمتعدي مرضن بابت ٿيندڙ ٽئين عالمي پبلڪ هيلٿ ڪانفرنس دوران ??اص مهمان ??ي حيثيت سان ??طاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جي صحت واري صلاحڪار ??اڪ??ر عابد جميل، نگران وڏي وزير اعظم خان، خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، وائيس چانسلر ڪي ايم يو ??اڪ??ر ضياءَ الحق ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ان کان ??ڳ صدر جو پنڊال ۾ پهچڻ تي آجيان ڪئي وئي ۽ کيس عالمي ڪانفرنس جي مقصدن بابت آگاهه ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ ملڪي ۽ عالمي ??اڪ??رن، صحت جي ماهرن، اسڪالرز، ڪي ايم يو جي فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. ??اڪ??ر عارف علوي چيو ته ڪينسر سميت گهڻيون بيماريون غيرمتعدي هونديون آهن ۽ جيڪڏهن انهن جي سڃاڻپ ٿي وڃي ته شروعاتي مرحلن ۾ علاج سان قيمتي جانيون بچائي سگهجن ٿيون. هن چيو ته ڦڦرن جو ڪينسر به قابل علاج آهي، جيڪڏهن وقت سر سُڃاڻپ ٿي وڃي، جيڪڏهن دير سان ??ُڃاڻپ ۽ علاج ٿئي ته حياتي کسيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو. هن تجويز ڏني ته صحتمند ۽ خوشحال معاشري جي لاءِ متعدي ۽ غيرمتعدي مرضن بابت عوام ۾ آگاهي لاءِ ميڊيا تي خاص طور تي مارننگ شوز دوران ??صوصي پروگرام نشر ڪيا وڃن. ??اڪ??ر عارف علوي ڪيترين ئي زندگين کي بچائڻ جي لاءِ اڳ کان موجود صحت جي پاليسين کي عملي شڪل ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو ته اسان وٽ سڀئي گهربل پاليسيون موجود آهن پر ان ??ي عملدرآمد جي کوٽ آهي. هن چيو ته تيزي سان وڌندڙ آبادي معيشت ۽ قومي وسيلن تي غيرمعمولي دٻاءُ وجهي رهي آهي. هن معاشي ۽ وسيلن ۽ آبادي جي وچ ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي لاءِ آبادي ۽ غربت جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اهم قدم کڻڻ تي زور ڏيندي چيو ته سياسي قوتن جي وچ ۾ جهيڙن سان ??ايد ئي ڪو مقصد هجي پر قومي ترجيح مسئلن جي حل تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن ??اڪ??ر ڪميونٽي کي مشورو ڏنو ته اهي هڪ صحتمند ۽ خوشحال معاشري جي لاءِ ذهني طور تي تيار ڪن ۽ علاج جي دوران پنهنجي مريضن کي قائل ڪن. هن چيو ته اسان کي ٻاهرئين ملڪن مان ??يل ??اڪ??رن جي لاءِ اهڙو ماحول مهيا ڪرڻو پوندو جنهن ۾ رهندي اهي ملڪ جي اندر آساني سان مختلف مريضن جو علاج ڪري سگهن. ??اڪ??رن جي لاءِ ملڪ جي اندر سهولتُون هونديون ته اهي بهتر طريقي سان ڪم ڪري سگهندا.