اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پرڏيهي وزير ڪو تحفو پاڻ وٽ ناهي رک??و ۽ هن حڪومت جي پاليسي جي مڪمل تعميل ڪندي سمورا تحفا ڪيبنيٽ ڊويزن جي توشه خانه ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ان حوالي سا?? ميڊيا ۾ غلط رپورٽنگ تي هڪ وضاحتي بيان ۾ چيو ته جيتوڻيڪ ڪجهه تحفا جن جي ڪيبنيٽ ڊويزن قيمت 30 هزار کان گهٽ ٻڌائي هئي، انهن کي طئي ٿيل طر??قيڪار موجب واپس ڪيو ويو هو.