اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ده??ت ۽ تشدد وارا منظر ٽي وي تي نه هلائڻ جي ضابطه اخلاق بابت پيمرا آرڊر تي ڪجهه خدشا سامهون آيا آهن، ان آرڊر ۾ ده??تگردي، ان کانپوءِ جا منظر، لاش، تباهي نه ڏيکارڻ جو چيو ويو آهي، ان حڪم جو بنيادي مقصد عوام کي خوف ۽ ده??ت کان بچائڻ آهي، ده??تگردن جو اصل مقصد ۽ هدف عوام ۾ خوف ۽ هراس پکيڙڻ ئي هوندو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته سڄي دنيا ۾ اهي حدون مقرر آهن، هر ذميوار ادارو ۽ آرگنائيزيشن ان جي پاسداري ڪري ٿو، ده??تگردي جي ڪاررواين جي ڪوريج جو هڪ عالمي ضابطو آهي، اهو ملڪي قانون جو حصو آهي، پوري دنيا ۾ انهن ضابطن تي بنا ڇوٽ عم?? ٿئي ٿو. هن چيو ته ده??تگردي جي واقعن جي سڌوسنئون نشريات ڏيکارڻ سان ده??تگردن کي پڻ مدد ملي ٿي، آپريشن کانپوءِ جي حساس معلومات پڻ شرپ??ند?? کي ملي وڃي ٿي. هن چيو ته اظهار جي آزادي جي حق کي مقدس سمجهون ٿا، ان حق جي لاءِ اسان سدائين جدوجهد ڪئي آهي، اظهار راءِ جي آزادي تي ٺاهه نه ڪندي قانونن تي عم?? ڪنداسين.