اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڪل جماعتي حريت ڪا??فرنس آزاد ڪشمير شاخ جي اڳواڻن پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب وفد جي قيادت ڪل جماعتي حريت ڪا??فرنس جي آزاد ڪشمير شاخ جو ڪنوينر محمود احمد ساغر ڪري رهيو هو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀا??ت جي دوري دوران ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڀا??ت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي وزير چيو ته ??المي برادري ڀا??ت جي غيرقانوني قبضي جي شڪار والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي. ڪل جماعتي حريت ڪا??فرنس جي اڳواڻن اڻٿڪ حمايت تي پاڪستان جي حڪومت ۽ پرڏيهي وزير جا ٿ??را مڃيا.