بغداد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزيربلاول ڀٽ?? زرداري چيو آهي ته سندس عراق جي دوري سان پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ گڏيل تعاون ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، ٻنهي ملڪن سدائين مشڪل ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عراق جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي بغداد ۾ عرا??ي هم منصب ڊاڪٽر فواد حسين سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عراق جو دورو ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان مان زائرين جو هڪ وڏو انگ هر سال عراق اچي ٿو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري عراق جي صدر ڊاڪٽر عبداللطيف رشيد سان پڻ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ موجوده لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري ۽ عراقي صدر گڏيل تعاون جي سمورن شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ احترام ۽ روايتن تي ٻڌل گهرا ڀائراڻا ويجها لاڳاپا آهن. بلاول ڀٽ?? زرداري عراقي وزيراعظم محمد شياع السوداني سان ملاقات دوران پاڪستان پاران عراقي عوام ۽ حڪومت جي ??اء?? نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير ملاقات ۾ پاڪستان پاران عراق سان مختلف شعبن ۾ تعاون جي ??اء?? عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن عراقي وزيراعظم سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??اء?? پڻ عزم جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري بغداد ۾ عراقي پرڏيهي وزي ڊاڪٽر فواد حسين سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري ملاقات دوران چيو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ گهرا دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن سميت تعاون جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري جي عراق جي سرڪاري دوري جي موقعي تي پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ مفاهمت جي ٻن ياداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن ثقافتي تعاون کي وڌائڻ جي ??اء?? مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ تي ويزا جي خاتمي ??اء?? پڻ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن تعاون جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري جو عراق جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بغداد پهچڻ تي عراقي پرڏيهي وزير سميت ٻين عراقي عملدارن، بغداد ۾ پاڪستان جي سفير احمد امجد علي ۽ سفارتخاني جي سينيئر آفيسرن ايئرپورٽ تي شاندار استقبال ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري کي دوري جي دعوت عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين ڏني آهي.