پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن جي ٻيهر آبادڪاري اسان جي اولين ترجيح آهي، ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي اسر??دڙ ملڪن جي مالياتي مدد جي لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي، م??سم??اتي انصاف سان گڏ اسر??دڙ ملڪن سان عال??ي مالياتي وسيلن جي ورڇ ۾ پڻ منصفاڻو رويو گهربل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات نئين عال??ي مالياتي معاهدي بابت عالمي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي شاندار آجيان ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل وزيراعظم جي جوابي خيرسگالي جي پرجوش جذبن سان آجيان ڪئي. ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته توهان کي پاڪستان جو محسن تصور ڪريون ٿا، ٻوڏ جي موقعي تي توهان جي مدد وساري نه ٿا سگهون، م??سم??اتي تبديلين سان پاڪستان م ٿي??دڙ تباهي جا توهان اکين ڏٺا شاهد آهيو. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي قدمن بابت سيڪريٽري جنرل کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن جي ٻيهر آبادڪاري اسان جي اولين ترجيح آهي ۽ رهندي. هن چيو ته م??سم??اتي تبديلين سان اسر??دڙ ملڪن تي معاشي دٻاءُ وڌيڪ وڌي ويو آهي، اسر??دڙ ملڪن ۾ واڌويجهه جي شرح وڌائڻ ۽ مالياتي توازن برقرار رکڻ ۾ نوان مسئلا در??يش آهن. هن چيو ته ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي اسر??دڙ ملڪن جي مالياتي مدد جي لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي، نئين عال??ي مالياتي معاهدي جي لاءِ پيرس ۾ سربراهي ڪانفرنس هڪ سٺي ۽ صحيح رخ ۾ شروعات آهي. هن چيو ته م??سم??اتي انصاف سان گڏ اسر??دڙ ملڪن سان عال??ي مالياتي وسيلن جي ورڇ ۾ پڻ منصفاڻو رويو گهربل آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ وزيراعظم ۽ ان جي حڪومت جي جذبي کي ساراهيو.