اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان مسلم ??يگ (ن) جي انتظام هيٺ قصور، کڊيان ۾ (اڄ) آچر تي ٿيندڙ جلسو موسم جي خرابي سبب ملتوي ڪيو ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هاڻي انشاء الله اهو جلسو ڇ??ڇر 5 آگسٽ تي ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف عوام کي سفر جي بهترين سهولتن جي فراهمي جي هڪ ٻئي منصوبي ’لاهور قصور بهاولنگر‘ موٽر وي جي افتتاح کان پوءِ کڊيان ?? هڪ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندو.