نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ??المي سطح تي وبائي مرضن جي ڦهلاءُ جي صورت ۾ حقوق دانش جي نالي تي غريب ملڪن سان غيرمنصفاڻي رويو نه رکڻ گهرجي، ڪورونا وائرس جي روڪٿام ۾ پيش ايندڙ مسئلن کي ٻيهر نه ورجائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، وبائي مرضن جي روڪٿام جي لاءِ ويڪ??ين?? ??ي دستيابي هر هڪ جي لاءِ ممڪن بڻائڻ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي وبائي مرضن جي روڪٿام، تي??ري ۽ ردعمل جي موضوع تي سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته ڪورونا وائرس سان ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿيا، انهن کي لاڪ ڊائون کي منهن ڏيڻو پيو، عالمي واپار ۽ معيشت کي نقصان پهتو. هن چيو ته ??وش قسمتي سان سائنسدانن جي ڪورونا وائرس جي ويڪسين ٺاهڻ سان دنيا ۾ اميد پيدا ٿي، ويڪسين جي ورڇ ۾ اڻبرابري سامهون آئي، غريب ۽ امير ملڪن جي وچ ۾ ان ويڪسين تي سيڙپڪاري ۾ فرق نظر آيو، حقوق دانش جي نالي تي غريب ملڪن سان غيرمنصفاڻو رويو نه رکڻ گهرجي. هن چيو ته مستقبل ۾ صحت بابت بحران دوران ماضي جون اهي خاميون نه ٿيڻ گهرجن، سائنسي دريافتن تائين پهچ زندگيون بچائڻ جي لاءِ لازمي آهي، ان کي دنيا جي ڀلائي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته ڪمرشل ۽ پرائيويٽ ڪمپنين جو طبي اوزارن ۽ ويڪسين جي ورڇ ۽ پهچ تي مڪمل اختيار نه هجڻ گهرجي، صحت جي عالمي اداري تحت ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، واپاري توازن قائم ڪيو وڃي، صحت جون دوائون بنا فرق تي??ري، پهچ ۽ اسرندڙ ملڪن کي ٽيڪنالاجي جي پهچ يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته ??المي ۽ علائقائي سطح تي صحت بابت هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تي??ري ڪئي وڃي، ان جي لاءِ ساليانو 30 ارب ڊالر جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي اڀرندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس تي??ري ۽ ڪوششن جي ذريعي پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪرڻ گهرجي ته ??يئن مستقبل ۾ وبائي مرضن کان بچڻ جي لاءِ قدمن کي عملي شڪل ڏئي سگهجي.