اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين پاڪستان اق??صا??ي لنگهه (سي پيڪ) جو سڀ کان وڏو منصوبو ايم ايل ون (ريلوي) جو تعميراتي ڪم ايندڙ مالي سال کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي جيڪو ٽن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. ذريعن موجب نظرثاني ٿيل پلان موجب ايم ايل ون تي 6.7 ارب ڊالر جي مجموعي لاڳت ايند?? جنهن تي پاڪستان ۽ چين جو مڪمل اتفاق ٿي چڪو آهي. ياد رهي ته ان منصوبي تي شروعاتي لاڳت 9 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ هئي ??ر هاڻي اهو منصوبو 6.7 ارب ڊالر جي لاڳت سان شروع ٿيندو جنهن تي ٻنهي ڌرين جو مڪمل اتفاق ٿي چڪو آهي ۽ ان حوالي سان هلندڙ مهيني جي شروع ۾ ٿيندڙ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو هڪ اهم اجلاس پڻ منعقد ڪيو ويو هو. ذريعن موجب ايم ايل ون فيز ون جي لاڳت 2.7 ارب ڊالر، فيز ٽو جي لاڳت 2.6 ارب ڊالر ۽ فيز ٿري جي لاڳت 1.4 ارب ڊالر هوندي. پهرين مرحلي ۾ ايم ايل ون تحت نوابشاهه کان روهڙي، ملتان کان لاهور ريلوي ٽريڪ ٺهندو، ٻئي ??رحلي ۾ لاهور کان لالا موسيٰ، ڪيماڙي کان حيدرآباد ريلوي ٽريڪ جڏهن ته ٽئين مرحلي ۾ حيدرآباد کان ملتان، لالا موسيٰ کان راولپنڊي ريلوي ٽريڪ ٺاهيا ويندا. وڌيڪ اهو ته ايم ايل ون تحت راولپنڊي کان پشاور ۽ حويليان تائين ٻه ڊرائي ??ورٽس پڻ ٺاهيون وينديون جڏهن ته ايم ايل ون جي مڪمل ٿيڻ سان 134 ٽرينون 140 ڪلوميٽ?? في ڪلاڪ رفتار سان هلنديون. واضح رهي ته ورلڊ بئنڪ پاڪستان حڪومت پاران کنيل قدمن مان مطمئن آهي ۽ تازو ئي ??رلڊ بئنڪ جي اعليٰ عهديدارن پاڪستان جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار پڻ ڪي?? ۽ ??ڌيڪ امداد جاري رکڻ جو عزم پڻ ڪيو آهي.